Abstract:
سنڌي ادب م شاعريءَ کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾سنڌي سماج جي، هر پاسن کي پيش ڪيو ويو آهي. هن تحقيقي سنڌي سماج ۾ تخليق ڪيل ڪهاڻين جو ڇيد ڪيو ويو آهي. جن ڪهاڻيڪارن سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح سماج جا عڪس . تن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. هن مقالي ۾ ڪل ڇھ باب آهن ، ٽيا آهن َچ پهرين باب ۾ سماج، سماج جا بڻ بنياد، انساني تاريخ ۾ سماجن جا قسم ۽ سماج تي ادب جو اثر، خاص طور تي ڪهاڻيءَ جو سماجي تبديلي ۾ ڪردار کي بيان ڪيو ويو آهي. ٻئي باب ۾ ورهاڱي پوءِ جي سنڌ جي ادبي تاريخ کي ٽن دورن ۾ ورهايو ويو آهي، ۽ انهن دورن ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي ڪتابن جي کوجنا ڪئي ويئي آهي. انهن جي ڪهاڻين جي ڪتابن ۽ ڪهاڻيڪارن جو حوالو پڻ ڏنو ويو آهي. ٽئين باب ۾ ورهاڱي کان پوءِ جي نمائندا ڪهاڻيڪارن جي لکڻين جو تجزيو ۽ جائزو پيش ڪيو ويو آهي، ته انهن جون لکڻيون، سنڌي سماج جي تصوير کي ڪيئن پيش ڪري رهيون آهن، انهن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين ۾ سنڌي سماج انداز بيان سان گڏ ، ٽو ڪيو ويو آهي. انهن ڪهاڻيڪارن جي اسلوب ِ هر پاسن کي چ ڪهاڻين جي ڪردارن، مڪالمن ۽ پلاٽ کي پڻ بحث هيٺ آندو ويو آهي. چوٿين باب ۾ سماج ۾ موجود طبقي جي تعريف، ۽ طبقن جي جوڙجڪ ۽ نوعيت کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. ته سنڌي سماج ڪيترن طبقن ۾ ورهايل آهي ۽ انهن جي طبقاتي نفسيات تي بحث ڪيو ويو آهي. پنجين باب ۾ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي جي ٻڙندڙ ۽ بنيادي مسلن جهڙوڪ: سي ٽو ِ معاشي ۽ معاشرتي اوڻاين کي ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين مان چ ، اسي ڪيو ويو آهي. ڇهين باب ۾ هن تحقيقي مقالي جو نتيجو يا خلاصو ڏنو ويو ته سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي معاشري جو ڪيتري حد تائين تصوير پسائن ٿيون ۽ ڪهڙي طريقي سان ڪهاڻيڪارن، سنڌي سماج جي اصل تصوير کي پنهنجن ڪهاڻين ۾ پيش ڪيو ويو آهي